پيئڻ بلا

پيئڻ بلا

پيئڻ بلا

پيئڻ بلا: پيئڻ هڪ بلا جو قسم آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ Bungarus ۽ هنديءَ ۾ ڪرئت (Krait) چئبو آهي. هيءَ بلا قد ۾ ڇهه فٽ کن ڊگھي، سنهي ۽ زهريلي ٿيندي آهي. هن بلا جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي، جنهن ۾ نيراڻ مائل چمڪ هوندي آهي. هن بلا جي جسم تي منڍ کان آخر تائين اڇي رنگ جا ڇَـلا ٿيندا آهن. هن بلا جون اکيون ننڍڙيون ۽ ڪاريون ٿينديون آهن ۽ اُن جي اک جون پُتليون گول هونديون آهن، جيڪي عام طرح ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن. هن بلا جي جسم تي ڇلر ٿيندا آهن، جيڪي لسا، نرم ۽ چمڪيدار ٿين ٿا. هيءَ بلا طبيعت ۾ ڊڄڻي ٿيندي آهـي ۽ خطـري جي مهل خاموش رهندي آهي، پر تنگ ڪرڻ تي پنهنجي جسم کي وڪڙ ڏئي گول ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پنهنجي جسم کي سُسائيندي ۽ ڦُنڊائيندي رهندي آهي. ان سان گڏ شوڪاريندي ۽ پُڇ کي هيڏانهن هوڏانهن لوڏيندي رهندي آهي، وجهه ملڻ تي هيءَ بلا چَڪ هڻي ڪڍندي آهي. هن بلا جون اکيون جيئن ته چمڪندڙ هونديون آهن، ان ڪري اُهي روشني برداشت ڪري نه سگهنديون آهن، جنهن سبب هيءَ بلا صرف رات جو سفر ڪندي آهي. هيءَ بلا ٻين عام بلائن وانگر چَڪ نه هڻندي آهي، پر هن لاءِ مشهور آهي ته اُها سُتل ماڻهوءَ جي وات ۾ پنهنجو ساهه ڦُوڪيندي آهي؛ يعني ماڻهوءَ جي وات مان نڪرندڙ هوا کي پاڻ جهٽيندي آهي ۽ پنهنجي زهريلي هوا ماڻهوءَ جي وات ۾ ڦُوڪيندي آهي، انهيءَ ڪري هن بلا کي عام ماڻهو ’پيئڻ‘ بلا سڏيندا آهن. هيءَ بلا گهڻو ڪري ڪڇ جي رڻ واري پاسي ۽ ٿرپارڪر جي علائقي ۾ ٿيندي آهي. اونهاري جي ڏينهن ۾، خاص ڪـــري مــــارچ ۽ مئي مهينن دوران ظاهر ٿيندي آهي. ٿر جا ماڻهو پيئڻ بلا کان بچاءَ طور پاڻ سان بصر ساڻ رکندا آهن، يا بصر جو پاڻي يا خوشبوءِ پنهنجي بدن کي لڳائيندا آهن ۽ رات جو بَتيون ٻاري سمهندا آهن. هن بلا بابت مشهور آهي ته ”ڪاريهر جو ڪکيل ته بچي سگهي ٿو، پر پيئڻ جو پِيتل مشڪل بچي.“ عام بلائون کٽن تي نه چڙهنديون آهن، پر پيئڻ بلا کٽ تي به چڙهيو وڃي ۽ ننڊ سُتل ماڻهوءِ جي وات ۾ ڦُوڪي کيس پُڇ هڻي جاڳائي ويندي آهي، هن بلا جو زهر اعصابن تي هڪدم اثر ڪندو آهي، جنهنڪري دل ۽ ساهه جو نظام متاثر ٿيندو آهي. هن بلا جي ڪکڻ کانپوءِ تڪڙو علاج نه ٿيڻ ڪري گهڻو ڪري ماڻهو مري ويندو آهي. پيئڻ بلا بابت جوڳين وٽ ڪيتريون ڏندڪٿائون موجود آهن. اڪثر وهمي ماڻهو، هن بلا جو نالو به نه کڻندا آهن ۽ ان کي اصل نالي بدران ’بُڇڙي‘ سڏيندا آهن. پيئڻ بلا پنهنجي عادتن ۽ جسماني رنگ روپ ۾ سنگچُور (ڏسو: سنگچوڙ بلا، ايندڙ جلدَ) سان ڪافي مشابهت رکي ٿي. سائنسي تحقيق موجب پيئڻ بلا، ’کپر بلا‘ جو هڪ قسم آهي ۽ سندس شمار زهريلين بلائن ۽ نانگن ۾ ٿئي ٿو. هيءَ بلا سنڌ کان سواءِ پنجاب جي ريگستاني علائقن ۾ به ٿئي ٿي. هن بلا جي جنس بنگلاديش ۾ به ٿيندي آهي. چيو وڃي ٿو ته سري لنڪا ۽ بلوچستان ۾ به ٿيندي آهي. ٿر ۾ هن بلا بابت عام راءِ آهي ته پيئڻ جي ڦُوڪيل کي وقت سر جيڪڏهن ڦٽڪي کارائبي ته ان جي زهر جو ماڻهوءَ تي اثر نه ٿيندو. ان کان سواءِ ٿر ۾ ڏاچيءَ جو کير ۽ گوهڙ پکيءَ جو آنو به ڪکيل ماڻهوءِ کي واپرايو ويندو آهي ته جيئن ان جي زهر جو اثر گهٽجي سگهي. هن بلا کي ٿر ۾ ’بُڇڙيءَ‘ سان گڏ ’ڦوڪڻي‘ بلا به سڏيو ويندو آهي. چيو وڃي ٿو ته هن بلا جي وار کان ماڻهو ته ٺهيو، پر اُٺ، گهوڙا، ڳائو مال، گڏهه، رڍون ۽ ٻڪريون به بچي نه سگهنديون آهن.


لفظ پيئڻ بلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو